طوطڻ ڳيري (پکي)

طوطڻ ڳيري (پکي)

طوطڻ ڳيري

طوطڻ ڳيري (پکي): سنڌ ۾ ملندڙ هن مقامي پکي کي انگريزي زبان ۾ Little Brown Dove، Laughing Dove، Senegal Dove ۽ Palm Dove چيو وڃي ٿو، جڏهن ته سائنسي زبان ۾ Streptopelia Senegalnesis جي نالي سان مشهور آهي. هن پکي جو تعلق Columbidae ڪٽنب سان آهي. هي ڳيري جي ٻين جنسن جي مقابلي ۾ ننڍو ۽ ڳچي جي پاسي ۾ غير نمايان ڪاري رنگ جي ٽپڪن سان سراڻ مائل نارنگي رنگ جي داغ سبب نمايان حيثيت جو حامل آهي. ڳيري جي ٻين نوع جي مقابلي ۾ هن جو ڊگهو پڇ ۽ جسامت وڌيڪ سنهي ۽ ننڍي ٿئي ٿي.
هن پکي جي ڪـُل جسامت 26 کان 27 سينٽي ميٽر، پرن جي پکيڙ 12.9 کان 13.5 سينٽي ميٽر، پڇ 10.4 کان 12 سينٽي ميٽر ڊگهو ۽ وزن تقريباً 75 کان 76 گرام ٿئي ٿو. هن پکي جو مٿو، ڳچي ۽ ڇاتي ارغواني- گلابي رنگ جي ڇاتي جو هيٺيون حصو پيلاڻ مائل اڇي رنگ جو، اندريون پڇ پوش اڇي رنگ جو، بازو پوش جو اندريون ۽ رنگارنگي پرن جو هيٺيون حصو ڀوراڻ مائل ناسي رنگ سان گڏ بازو پوش جو ٻاهريون حصو نيراڻ مائل سليٽي رنگ جو ٿئي ٿو، جيڪي اڏام وقت تمام خوبصورت ڏسڻ ۾ ايندا آهن. نر ۽ مادي پکي، رنگن جي معمولي فرق سان تقريباً هڪجهڙا ٿيندا آهن. هي پکي پاڪستان جي لڳ ڀڳ سڀني صوبن ۾ ملي ٿو. بلوچستان جي گرم ۽ جابلوئي علائقن کان ويندي خيبر پختونخواه ۽ سنڌو درياهه جي اولهه وارن علائقن سميت پنجاب جي لوڻاٽيل علائقن ۽ سنڌ ۾ ڪوهستان وارن علائقن ۾ عام جام ڏسڻ ۾ ايندو آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻين ڳيرن جي ڀيٽ ۾ هي نوع وڌيڪ ٿيندي آهي. هي پکي، غذائي ضرورت لاءِ زمين تي موجود فصل جي داڻن ۽ ننڍڙن پنن تي انحصار رکي ٿو. دادو ضلعي ۾ جوار جا پڪل داڻا شوق سان کائيندو آهي. هن پکي جي نسلي واڌ ويجهه جو عرصو جنوري جي شروع کان آڪٽوبر جي آخر تائين رهي ٿو، نر ۽ مادي گڏجي ڪنهن هموار ٽاريءَ تي سڪل گاهه سان آکيرو جوڙين ٿا. مادي هڪ وقت ۾ ٻه آنا ڏيندي آهي. ٻارن جي غذائي ضرورت اوڳاڇڻ ذريعي پوري ڪن ٿا. هي پکي، پنهنجي سريلي آواز جي ڪري به مشهور آهي. ڳوٺن ۽ جهنگن ۾ تيز آواز سان ڪو--- رُو--- ڪو- ڪو- ڪو- ڪووو جي آواز سان ٻوليندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو